سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ: هيءَ ڪورٽ، سنڌ صوبي جي وڏي ۾ وڏي عدالت آهي، جيڪا 1906ع ڌاري سنڌ جي راڄڌاني ۽ مرڪزي شهر ڪراچيءَ ۾ قائم ٿي. سنڌ هاءِ ڪورٽ قائم ٿيڻ کان اڳ سنڌ ۾ ضلعي عدالتن ۽ سيشن ڪورٽن جو نظام رائج هو.
21 آگسٽ 1926ع تي قانون ٺاهيندڙ ۽ انصاف فراهم ڪندڙ ادارن، سنڌ صوبي لاءِ مکيه عدالت جي قيام جي منظوري ڏني. 1935ع جي ائڪٽ هيٺ 1 اپريل 1936ع تي سنڌ، بمبئيءَ کان ڌار ٿي جدا صوبي جي صورت ۾ نروار ٿي، جنهن بعد سنڌ جي عدالتي ڪمشنر ۽ ججن جي تقرريءَ لاءِ برطانوي حڪومت شاهي حڪمناما جاري ڪيا.
اولهه پاڪستان ۾ عدالتي اداري جي قيام دوران ڪراچي بينچ ۾ ججن جو تعداد ٻارهن هو، جنهن کي بعد ۾ وڌائي پندرهن ڪيو ويو ۽ ڪجهه عرصي بعد سنڌ ۽ بلوچستان صوبي جي تشڪيل بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو ساڳيو تعداد 12 ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ ٽي مقرر ڪيو ويو. سنڌ سيڪريٽريٽ ۽ پاسپورٽ آفيس ڪراچيءَ جي علائقي صدر ويجهو موجوده عدالتي عمارت جو تعميراتي ڪم 1923ع کان 1929ع جي عرصي دوران مڪمل ٿيو، جنهن تي مجموعي خرچ اٽڪل 30 لک 35 هزار روپيا ٿيو هو.
هن عمارت ۾ عدالتي ڪارروائيءَ لاءِ هال (Chambers)، 18 ججن لاءِ مختلف چيمبرس کان سواءِ اٽارني جنرل، ڊپٽي اٽارني جنرل، وفاقي شرعي عدالت جي رجسٽري، ايڊووڪيٽ جنرل، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل، اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل جون آفيسون ۽ هاءِ ڪورٽ بار لائبرري موجود آهن. سپريم ڪورٽ ۾ منتقليءَ کان اڳ سپريم ڪورٽ رجسٽري پڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قائم هئي.
1974ع ڌاري، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي عمارت جي اتر- اوڀر پاسي واڌارو ڪيو ويو، جنهن تي ڪل خرچ چاليهه لک روپيا آيو. اڳوڻي عمارت ۾ واڌاري بعد انصاف ۽ پارلياماني معاملن جي وزارت جي سيڪريٽري، انتظامي عيوضين، اسٽينڊنگ ڪائونسل، اسپيشل بينڪنگ ڪورٽ، وفاقي شرعي عدالت ۽ سنڌ بار ڪائونسل جي ڪارگذارين لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وڌايل حصو متعين ڪيو ويو.
1973ع جي آئين مطابق ارڙهين ترميم بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جي تقرريءَ جو فيصلو آئين جي شق نمبر 175 (A) موجب سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جي سربراهيءَ ۾ قائم عدالتي ڪميشن طرفان پارلياماني ڪميٽيءَ کي تجويز ڪيو ويندو، جنهن تي پارلياماني ڪميٽي، جج جي مقرريءَ جو فيصلو ڪندي. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جج جي تقرريءَ لاءِ اهو شرط لاڳو آهي ته جج چاليهن سالن جو پاڪستاني شهري هجي، ڏهن سالن جي عرصي تائين وڪالت يا عدالت جي انتظامي سرگرمين سان وابسته رهيو هجي ۽ پاڪستان جي ڪنهن به ضلعي عدالت ۾ جج طور ڪم ڪرڻ جو ٽن سالن جو تجربو رکندڙ هجي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو مقرر ڪيل جج 62 سالن جي عمر تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏئي سگهي ٿو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچيءَ سان لاڳاپيل هڪ بينچ سکر ۾ ۽ سرڪٽ ڪورٽ حيدرآباد ۽ لاڙڪاڻي ۾ قائم آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ججن جو مقرر تعداد 14 آهي.


لفظ سنڌ هاءِ ڪورٽھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1926.08.21  عيسوي

21 آگسٽ 1926ع تي قانون ٺاهيندڙ ۽ انصاف فراهم ڪندڙ ادارن، سنڌ صوبي لاءِ مکيه عدالت جي قيام جي منظوري ڏني.


1936.04.01  عيسوي

1935ع جي ائڪٽ هيٺ 1 اپريل 1936ع تي سنڌ، بمبئيءَ کان ڌار ٿي جدا صوبي جي صورت ۾ نروار ٿي، جنهن بعد سنڌ جي عدالتي ڪمشنر ۽ ججن جي تقرريءَ لاءِ برطانوي حڪومت شاهي حڪمناما جاري ڪيا.



حڪومتي ادارا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سنڌ بئنڪ لميٽڊ
سکر ميونسپالٽي
سوئي گئس
سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورولاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن
سول سروسز اڪيڊمي لاهور
سنڌ ميوزيم
سنڌ پوليس
سنڌ آرڪائيوز
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي
بيورو آف ڪريڪيولم اينڊ ايڪسٽينشن وِنگ سنڌ
حڪومتي ادارا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون